عيدالفطر جي نماز ڪيئن پڙهجي !!
: *عیدالفطر جي نماز جو طریقو*👇
*پهريان نیت ڪريو هن طرح:*
نیت ڪريان ٿو مان ٻه رڪعتون نماز عیدالفطر جی،
ساڻ ڇھن تڪبیرون جي،
منهن طرف ڪعبت الله شریف ڏي ،
واسطي اللہ تعالی جي،
پٺيان هن پيش امام جي۔
امام تڪبیر چئي ڪري ھٿ ٻڌي ڪري ثناء (سُبحَانَڪَ اللھم) پڙھندو اسان کي به تڪبیر چئي ڪري ھٿ ٻڌي ثناء پڙھي
ان کان بعد امام صاحب ٽي زياده تڪبيریون چوئندو.
1️⃣ پهرين تڪبیر چوئندو هٿ ڪنن تائين آڻي هٿ کولڻا آھن
2️⃣ ائين ٻي تڪبیر چوئندو ھٿ ڪنن تائين آڻين هٿ کولڻا آھن
3️⃣ ان طرح ٽين تڪبیر چئي ڪري هٿ ڪنن تائين آڻي هٿ ٻڌي ڇڏيو
⚫ ان کان بعد پيش امام قرات ڪندو (یعنی سورہ فاتحہ ۽ ڪائي سورت پڙھندو) ۽ رڪوع، سجدو ڪري پھرين رڪعت مڪمل ٿي وئي۔
🔘 ٻئي رڪعت جي لاءِ اٿي بيهو پيش امام قرائت ڪندو یعني سورہ فاتحہ ۽ ڪائي سورت پڙھندو ان کان بعد رڪوع ۾ وڃڻ کان پهريان ٽي زياده تڪبيرون ٿينديون
1️⃣ پهريان تڪبیر چئي ڪري هٿ ڪنن تائين کڻي ڪري هٿ کولي ڇڏيو
2️⃣ ٻي تڪبیر پيش امام چوئندو هٿ ڪنن تائين کڻي ڪري هٿ کولي ڇڏڻا آھن
3️⃣ ٽين تڪبیر پيش امام چوئندو ھٿ ڪنن تائين کڻي ڪري هٿ کولي ڇڏڻا آھن
ايتري تائين (ٽي) تڪبيرون مڪمل ٿي وينديون.
🌹»» هاڻي ان کان پوءِ بغیر ھٿ کڻڻ جي پيش امام تڪبیر چوندو پوءِ رڪوع ۾ وينداسون.
🌹»» پوء بس اڳتي نماز ٻين نمازن وانگر تشھد يعني (اَلتَّحِيَّاتُ) ان کان بعد درود ابراهيم ۽ ان کان پوء دعا پڙھي ڪري پيش امام سان گڏ سلام ورائڻو پوئندو.
*نماز عیدالفطر کان پھريان وڌ کان وڌ شيئر ڪريو ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي نماز عید جي درست طریقہ ڪار جي خبر پئجي سگھي*
*اللہ پاک عمل ڪرڻ جي توفیق عطا فرمائي آمين*

Comments
Post a Comment