القادر ٽرسٽ ڪيس
القادر ٽرسٽ ڪيس، عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو
راولپنڊيءَ جي احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بيءَ تي فرد جرم لڳائي وئي آهي .
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا القادر ٽرسٽ متعلق 190 ملين پائونڊ ريفرينس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ان موقعي تي مڙهيل الزام پڙهي ٻڌايا.
ملزمن لڳايل ڏوهن جي درست هئڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پنجن شاهدن کي سڏائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو
فرد جرم جي ڪاروائيءَ کان پوءِ احتساب عدالت ريفرينس جي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪئي.
آهي
عمران خان جي حڪومت جي دور ۾2019 ۾’القادر ٽرسٽ’ جو بنياد رکيو ويو هو، جنهن جو ٽرسٽي عمران خان، سندس زال بشريٰ بي بي ۽ سندس ويجهي دوست فرح گوگي آهي.
القادر ٽرسٽ ان وقت قائم ڪئي وئي جڏهن ان وقت جي وزير اعظم عمران خان پنهنجي ڪابينا کان هڪ لفافي ۾ بند ڪاغذ ۾ درج سمريءَ جي منظوري ورتي هئي، جنهن هيٺ برطانيا کان پاڪستان کي ملندڙ 190 ملين پائونڊن جي رقم کي سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو ويو هو.
پاڪستان کي اها رقم بحريه ٽائون جي برطانيا ۾ صلح (تصفئي) جي نتيجي ۾ ڏني وئي هئي.
بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي خلاف برطانيا جي’نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي)’ جي تحقيقات جي نتيجي ۾ ملڪ رياض ڪيس وڙهڻ بجاءِ صلح ڪري ورتو هو، جڏهن ته ’اين سي اي’ 190 ملين پائونڊ جي رقم پاڪستان جي رياست جي ملڪيت قرار ڏني هئي.
پر اها رقم پاڪستان جي قومي خزاني ۾ پهچڻ بجاءِ سپريم ڪورٽ جي ان اڪائونٽ تائين پهتي هئي جنهن ۾ قانوني تصفئي جي نتيجي ۾ ملڪ رياض بحريه ٽائون ڪراچيءَ جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کي 460 ارب روپيا قسطن ۾ ادا ڪري رهيو آهي.

Comments
Post a Comment