مزاڪ ڪندي زال مڙس ٻڏي ويا
رات دير سان سانگهڙ ۾ ٽنڊو مٺا خان واسي زال مڙس جو هلندي ڪار ۾ جهيڙو ٿي پيو.
گاڏي جڏھن مٺڙائو ڪئنال وٽ پهتي تہ مڙس زال کي طعنو ڏيندي چيو ته واھ ۾ ٻڏي به نٿي مرين؟
جنهن تي سندس گهرواري چيس ته گاڏي بيهار تہ مري ٿي ڏيکاريائين.
مڙس به مزاڪ سمجهي ٽهڪ ڏيندي ڪار بيهاري تہ زال دروازو کولي سڌو مٺڙائو واھ ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيو.
زال جي سچ پچ ٽپو ڏيڻ بعد ان کي بچائڻ لاء مڙس به واھ ۾ ٽپو ڏنو ٻئي ٻڏي مري ويا.
ٻارن کي ڪار ۾ روئيندي ڏسي ماڻھو گڏ ٿي ويا ٻارن پنهنجي والدين وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي مٿي لکيل حقيقت بيان ڪئي ڪار ۾ هلندڙ جهيڙو مزاق مزاق ۾ زال مڙس کان زندگي کسي ويو ۽ ٻارن کان ماءُ پيءُ جي شفقت !!

Comments
Post a Comment