28 جوڙن جي شاديءَ جي تقريب
پيرجوڳوٺ جي مقامي شادي هال ۾ سماجي تنظيم اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان طرفان ڪمفرٽ ايڊ انٽرنيشل جي تعاون سان ڪنگري جي مختلف علائقن جي 28 غريب خاندانن جي جوڙن جي اجتماعي طور شادي ڪرائي وئي.
شادي تقريب ۾ گھوٽن جي منهن تي مرڪون ۽ خوشي وارو ماحول ڏسڻ وٽان هيو.
ان موقعي تي اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان جي اصغريه آرگنائرزيشن پاڪستان جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عبدالرزاق بلوچ، احسان علي اصغري، وندر علي چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته غريب خاندانن وٽ نياڻين کي ڏاج ڏيڻ جي طاقت نه هئي، اهڙين حالتن کي ڏسي کي غريب، مسڪين بي پهچ گھوٽن جي اجتماعي طور شادي ڪرائي پئي وڃي. هنن چيو ته غريب بي پهچ گھوٽن جي
ڪيچهرن تي خوشيون ڏسي دلي خوشي ٿي رهي آهي
ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر عامر جوڻيجو

Comments
Post a Comment