بغير ڊرائيور جي ھلندڙ ڪار تيار

جديد دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي هر گذرندڙ ڏينهن سان تبديل ٿي رهي آهي، اتي ان ٽيڪنالاجي کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ڪيون پيون وڃن. 



هر روز ڪمپنيون پنهنجون جديد پراڊڪٽس متعارف ڪرايون آهن جيڪي نه رڳو صارفين کي حيران ڪن ٿيون پر انهن جي مقابلي ۾ سخت وقت پڻ ڏين ٿيون.


هن ڀيري چين جي مشهور سرچ انجڻ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪمپني ’بيڊو‘ خميس تي پنهنجي نئين اليڪٽرڪ سيلف ڊرائيونگ ڪار متعارف ڪرائي آهي، جيڪا مارڪيٽ ۾ موجود ڪارن کان مختلف آهي.


خبرن جي تنظيم ”ايسوسيئيٽڊ پريس“ موجب هن ”خودمختيار گاڏي“ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي هلائڻ لاءِ ڪنهن ڊرائيور جي ضرورت نه پوندي ڇو ته اها ڪار بغير ڊرائيور جي هلائي سگهندي. 

Comments

Popular posts from this blog

بسپ BISP جا پئسا معمول ڪيو

رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سبسڊي پيڪيج

ڊاڪٽر سيده صدف اڪبر لکي ٿي. برساتن کان پوءِ ڦهليل بيمارين کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو