تيرهن ٻڪري
ڪنهن ڳوٺاڻيءَ کان ٻڪريون چاريندي پڇيو: ”توهان وٽ ڪيتريون ٻڪريون آهن ۽ سال ۾ ڪيترو ڪمايو ٿا؟
ٻڪرار چيو، ”مون وٽ ٻارهن سٺي نسل جون ٻڪريون آهن، جن مان سال ۾ ڇهه لک رپيا ملن ٿا، يعني پنجاهه هزار رپيا مهينو.
پر جڏهن سوال ڪندڙ ٻڪرين جي ڌڻ کي ڏٺو ته رڍن ۾ ٻارهن نه پر تيرهن ٻڪريون هيون.
جڏهن هن ٻڪريءَ کان تيرهين ٻڪريءَ بابت پڇيو ته ٻڪريءَ جو جواب حيرت انگيز هو ۽ اهو هڪ جملو درحقيقت ٻڪريءَ جي ڪاميابيءَ جو وڏو راز هو.
ٻڪرار ائين چيو :
”انهن ٻارهن ٻڪرين مان مون کي ڇهن لکن جو فائدو ٿئي ٿو ۽ هن تيرهين ٻڪري کي هڪ سال ۾ ٻه ٻار ٿين ٿا.
هن تيرنهن ٻڪري مان هڪ ٻار آئون قربان ڪريان ٿو ۽ هن بکري جو ٻيو ٻار ڪنهن مستحق غريب کي ڏيان ٿو.
تنهن ڪري، هي هڪ ٻڪري، مون ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو.
هيءَ تيرهين ٻڪري منهنجي باقي ٻارهن ٻڪرين جي نگهبان آهي، ۽ منهنجي لاءِ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهي“.
”مان سمجهو ته هي ڪا معمولي ڳالهه ناهي“.
دنيا جي عظيم فلسفين جو فلسفو هڪ طرف ۽ هن نوجوان جو هي جملو هڪ طرف جيڪو ٻڪريون چاري رهيو آهي.
اها ڳالهه هڪ اڻ پڙهيل، ساڌي ٻڪرار ڪاميابيءَ جو اهڙو فلسفو بيان ڪيو، جو واپار جا ٿلها ڪتاب به ڪنهن کي سمجهائي نه سگهيا.
”ماڻهو محنت ۾ رزق ڳوليندا آهن، حالانڪ رزق سخاوت ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ ۾ پوشيده هوندو آهي.

Comments
Post a Comment